|
ڪلوئي شهر ۾ هن وقت جيڪا ڇڙي
صاحب اسٿاپن ٿيل آهي. اها ورهاڱي کان اڳ گادي دار ٻاوي مرچورام جي وقت
کان ئي آهي. جيڪا اڳ ۾ باقائدگي سان ميلي تي پيرين پنڌ کڻي ايندي هئا.
ورهاڱي کان پوء پهريون ڇڙيدار سيٺ ڀڳڙومل کي ٿاپيو ويو.
جنهن
جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ ڪجهه وقت
لونگو ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو هو.ڪن سبب
ڇڙي صاحب کي ميلي جي مُک شيواڌارين
سيٺ شوارام ٻرُڙ کي ڇڙيدار ٿاپيو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ
کان پوءِ هن وقت سندس وڏو پُٽ اشوڪ ڪمار اهو شيوا باقائدگي سان نڀائيندو پيو اچي.
|