|
اسلام
ڪوٽ ۾ ڇڙي صاحب جيڪا هن وقت
اسٿاپن ٿيل آهي. اها اڳئي خانه بدوش ڀيلن وٽ هوندي هئي. پوءِ فقير
پاربرهم پرميشور جي حڪم سان انهن ڀيلن ڇڙي صاحب اچي ويڙهيجپ آستان تي
پهچايائون. جيڪا شيوا جي پرتيڪش اسلام ڪوٽ واسين کي ڏني وئي. جنهن جو
پهريون ڇڙيدار سيٺ ٽيڪچند کي ڪيو ويو.
جنهن
جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ سندس پٽ
شري ليلارام هن وقت موجوده ڇڙيدار آهي.
جيڪو
هر سال پريم ۽ سچي ڀاونا سان پيرين پنڌ ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو آهي.
|